ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪورونا کان بچاءُ جي وئڪسين جي تياري جو عمل باضابطا طور شروع ڪري ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان صحت واري وزارت کي وئڪسين جي تياري لاءِ ليٽر لکي ڇڏيو، وفاقي صحت کاتي کي نجي شعبي سوڌو سمورين واڳيل ڌُرين سان صلاح مشورن بعد تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت، خط ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وئڪسين جي تياري لاءِ امريڪا سهڪار ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، وزير اعظم عمران خان طرفان ڪورونا جي موجوده صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *