اسلام آباد ( رپورٽر) پاڪستان روايتي هٿيارن کي کڻي ويندڙ راڪيٽ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان مقامي سطح تي تيار ڪيل ملٽي راڪيٽ لانچ “فتح ون” جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي،  جيڪو روايتي هٿيارن کي 140 ڪلوميٽرن تائين کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب راڪيٽ دشمنن جَي علائقي ۾ هدف کي ڪاميابي سان نشانو ٺاهڻ جِي صلاحيت رکي ٿو. ڪامياب تجربي تي صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سائنسدانن کي واڌايون ڏنيون آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *