ڌنار جي ٻڪري ٻنيءَ ۾ اچڻ تي ڪوٽڙي جي پيرسن ڌنار تي زميندار ۽ سندس گارڊز تشدد ڪري رتورت ڪري ڇڏي. واقعي موجب 62 سالن جي پيرسن ڌنار غفور باريجي جي ٻڪري زميندار ذيشان قائم خاني جي ٻني ۾ هلي وئي، جنهن تي زميندار مڇرجي گارڊن سان گڏجي پيرسن تي تشدد ڪيو. پ0يرسن ڌنار غفور باريجي جو چوڻ آهي ته زميندار ۽ سندس گارڊز وڻ سان ٻڌي تشدد ڪري رتورت ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته  ساڳئي زميندار اڳ ۾ به منهنجي ٻڪري کي گولي هڻي ماري ڇڏيو هيو. تشدد جي شڪار پيرسن تي تشدد جي ڪوٽڙي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪري  پيرسن کي ڪوٽڙي جي بلاول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *