ڪراچي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ثقافت ۽ صنعتن بابت اجلاس ٿيو، اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ چيو ويو ته هن وقت سنڌ  جي ثقافت، سياحت ۾ نوادرات جون 44 اسڪيمون هلي رهيون آهن،  هنن 44 اسڪيمز جي لاءِ هن سال 832 ملين رپيا فنڊز رکيا ويا آهن، وڏي وزير جي صدارت هيٺ اي ڊي پي 2020/21 جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس پڻ ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزير اڪرام الله ڌاريجو، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم ۽ ٻيا شريڪ ٿيا،  صنعت واري کاتي جون ڪل1 اسڪيمز آهن جن جي ماليت 4160.33 ملين رپيا آهي، وڏي وزير هدايت ڪئي ته سمورين اسڪيمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران هولي  جي موقعي تي هندو ملازمن کي  ايڊوانس پگهار ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي، وڏي وزير جي ترجمان ٻڌايو ته هولي 28مارچ تي ملهائي ويندي،  وڏي وزير 188.2ملين رپيا  جاري ڪرڻ جي منظوري  ڏئي ڇڏي ، فنڊز مان ڪي ايم سي ملازمن کي پگهار ۽ پينشن ڏني ويندي، وڏي وزير صوبي جي 23ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز کي به 261ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا، وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز هولي جي موقعي تي هندو ملازمن کي پگهار ۽ پينشن ادا ڪن،

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *