وڏو وزير مراد علي شاهه نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس تي ٻڌڻي دوران اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو پيش، وڏي وزير چيو ته جنهن منصوبي سان بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو، خبر ناهي ته اُن منصوبي ۾ مون کي ڇو طلب ڪيو ويو آهي، منصوبي سان ڪراچي ۾ 2 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ گهٽ ٿي، نيب جي نوٽيسز کانپوءِ منصوبي ۾ شامل بئنڪس وارا ڊڄي ويا آهن، ٻڌڻي دوران نيب طرفان غير حاضر جوابدارن خلاف گرفتاري وارنٽس جاري ڪرڻ جي استدعا، عدالت غير حاضر جوابدارن کي ٻيهر نوٽيسز جاري ڪندي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪيس ئي غلط آهي ته استعيفيٰ ڇو ڏيان، پي ٽي آءِ جي جِن ماڻهن استعيفيٰ ڏني آهي، اُنهن ڪو غلط ڪم ڪيو هوندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *