لاهور  وڊيو ٺاهيندڙ،پئسا ڏيندڙ ۽ وٺندڙ پي ٽي آءِ وارا هئا، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪمرانن جي اصليت عوام آڏو ظاهر ٿي وئي آهي، جعلي حڪومت خلاف عوام جو فيصلو اچي چڪو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته هڪ نالائق کي بچائڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، تابعدار خان مرضي جي قانونسازي چاهي ٿو، هن چيو ته پي ڊي ايم بلڪل ڳجهي راءِ شماري کي سپورٽ نه ٿي ڪري، چونڊ سڌارا ڪريو، پي ڊي ايم به اهو چاهي ٿي، ن ليگ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *