وفاقي گهرو کاتي پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ فوج طلب ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ سرڪار جي درخواست باوجود صوبي ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ٽن صوبن سان گڏ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ به فوج طلب ڪئي وئي آهي، ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عمل لاءِ پاڪ فوج جون خدمتون ورتيون وينديون. سنڌ ۾ فوج بابت فيصلو ناھي ٿيو، ڪورونا جي صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آھي، ڀارت ۾ روزانو ھزارين ڪيس ظاھر ٿي رھيا آھن، فوج سول انتظاميھ جي ايس او پيز تي عملدرآمد بابت مدد ڪندي.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *