اسلام آباد   وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو ڪم ڪيو ان کي اجاڳر ڪيو، پي ڊي ايم منهنجو ڪجهه به بگاڙي نٿي سگهي، هنن کي پنهنجو شوق پورو ڪرڻ ڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته ڪنهن کي انتشار پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين، لانگ مارچ ڪرپشن بچائڻ جي لاءِ آهي،  پي ڊي انتشار جي سياست ڪري رهي آهي، عمران خان وڌيڪ چيو آهي ته اپوزيشن بيوقوفي جا فيصلا ڪري پئي، مهانگائي تي ضابطو آڻي وٺنداسين، رمضان ۾ عوام کي ريليف ڏنو وڃي، يوٽيلٽي اسٽورز کي رمضان پيڪيج جي لاءِ 6 ارب جي منظوري ڏني وئي آهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جو اجلاس  ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ نيشنل بڪ فائونڊيشن جي ايم ڊي جي مقرريءَ ۽ ممنوعه هٿيار جي لائسنس جاري ڪرڻ جي شين جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ چيئرمين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي اضافي چارج جي به منظوري ڏني وئي، سنڌ انفراسٽرڪچر ڊويلپمينٽ ڪمپني جي سي اي او جي اضافي چارج به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ گئس جي ترقياتي اسڪيمن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته رولز آف بزنس 1973 ۾ ترميم جو ايجنڊا ملتوي ڪيو ويو، اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته اي سي سي جي 10 مارچ وارن فيصلن کي برقرار رکيو ويندو، نقصان ۾ ويندڙ سرڪاري ادارن جي فرانزڪ آڊٽ جي باري ۾ اڳڀراڻي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ سوشل ويلفيئر فنڊ 2021 جي استعمال لاءِ رهنما اصولن جي منظور ڏني وئي، پاڪستان ۾ ترسيل افغان پناهگيرن جي رجسٽريِشن ڪارڊز جي مدت ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ وفاقي ڪابنيا رمضان پيڪيج جي به منظوري ڏئي ڇڏي، ايف نائن پارڪ پاڪ چين دوستي سينٽر ۽ فاٽا هائوس جي مختلف معامرن لاءِ استعمال جو ايجنڊا ملتوي ڪيو ويو، جي بي اسڪائوٽس جي 17 پلاٽونز کي داخلي سيڪيورٽي جي استعمال جي منظوري به ڏني وئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *