عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جنسي زيادتي ڪيسز ۾ جوابدارن جي سزا لاءِ سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس دوران اڪثر ڪابينا ميمبرز طرفان جوابدارن لاءِ ڦاهي جي سزا کي قانون ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو، وزيراعظم عمران خان طرفان جنسي زيادتي جي ڪيسز لاءِ جلد قانونسازي جي هدايت، قانوني ٽيم ائنٽي ريپ آرڊيننس جو مسودو تيار ڪري ورتو، ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو آهي ته متاثر عورتن ۽ ٻارن جي سڃاڻپ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ خصوصي خيال رکيو ويندو، اهڙو قانون آندو وڃي ته جيئن متاثر ٻار ۽ عورتون بنا ڪنهن خوف جي شڪايت داخل ڪرائي سگهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *