وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن وارن اڍائي سالن کان حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿيا، اليڪشن ڪميشن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، مخالف ڌُر چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار نه آهي،، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن سان هر وقت نواز  شريف ۽ آصف زرداري جي ڪيسز تي نٿا ڳالهائي سگهون، اپوزيشن کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي آڇ ڪئي پر موٽ نه ملي 13 اپريل تي رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويندو، ملڪ ۾ پهريون رزو 14اپريل تي رکيو ويندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *