وفاقي سرڪار سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ آئيني ترميم وارو بل ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته  سندن ڪوشش آهي ته ايندڙ چونڊون شفاف طريقي سان ٿين، ان لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

شبلي فراز چيو ته اپوزيشن پارٽين وٽ به هڪ موقعو آهي، اُهي اِنَ مقصد کي ڪامياب بڻائن، پر هُو ائين نه  ڪندا، پارٽي ان ڳالهه تي متفق آهي ته چونڊن کي منصفاڻو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ جيڪا به قيمت ادا ڪرڻي پئي اها ادا ڪئي ويندي،

وزيراعظم جَي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو  ته، سينيٽ چونڊن کان اڳ ووٽ جا ريٽس لڳائڻ جا اطلاع مليا آهن، پي ڊي ايم سان واسطو رکندڙ ٻن سياسي واپارين پهريون ڀيرو پنجاب ۾ ريٽ لڳائڻ شروع ڪيا آهن.

بابر اعواڻ چيو ته آئين ۾ ترميم ڪري سنگل ٽرانسفر ايبل ووٽ جِي جاءِ تي اوپن ووٽ جا لفظ شامل ڪيا ويندا، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻٽي شهريت باوجود چونڊ ۾ حصو وٺي سگهندا ۽ ڪاميابي جِي صورت ۾ حلف کڻڻ کان پهريون ٻٽي شهريت تان هٿ کڻڻ جا ثبوت پيش ڪندا.

وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته، آئين جَي آرٽيڪل 226 ۾ به ترميم جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن ۾ سينيٽ لفظ شامل ڪرڻ سان وزيراعظم سوڌو ٻين عهدن جيان سينيٽ چونڊون به اوپن ووٽن ذريعي ٿي سگهنديون.

بابر اعواڻ چيو ته سينيٽ اليڪشن شفاف بڻائڻ لاءِ رستو ڏنو اٿئون، اپوزيشن وٽ موقعو آهي ته حڪومت سان سهڪار ڪري، ووٽ خريد ۽ وڪرو ڪندڙ آئيني ترميم جِي مخالفت ڪندا……………

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *