وفاقي حڪومت ڏهين ۽ ٻارهين جا امتحانن جون تاريخون تبديل ڪندي چيو آهي ته هاڻ اهي 10 جولاءِ کانپوءِ ٿيندا.

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شفقت محمود چيو ته مڙني صوبن جي نمائندن سان صلاح مشوري کانپوءِ گڏيل فيصلا ڪيا ويا، گذريل سال اسان ڪجهه ٻار امتحانن بنا پاس ڪيا پر هيل امتحان ڏيڻ بنا ڪنهن کي گريڊ نه ملندو، امتحان هر صورت ۾ ٿيندا.

هن چيو ته اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا، جنهن سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿي، تنهن ڪري صوبن جي مشاورت سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته نائين ۽ ڏهين جا شاگرد لازمي مضمونن ۽ رياضي جا پيپر ڏيندا، باقي مضمونن جا امتحان نه ٿيندا، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان به لازمي مضمونن سان ورتا ويندا.

سندس موجب اڳ ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته امتحان 24 جون کان ٿيندا پر هاڻ 10 جولاءِ کان ٿيندا، اڳ ۾ انٽر ۽ پوءِ ميٽرڪ جا امتحان ٿيندا، ان کانپوءِ ٻيا امتحان ورتا ويندا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *