وزير اعظم عمران خان کانپوءِ صدر عارف علوي به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، سندس ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. صدر عارف علوي ٽويٽر وسيلي پيغام ڏنو ته هو ڪورنا وبا جو شڪار ٿي چڪو آهي، هن لکيو ته کيس ويڪسين جو پهريون ڊوز لڳي چڪو آهي پر جسم اندر اينٽي باڊيز ٻئي ڊوز کانپوءِ ٺهنديون آهن، جيڪو هفتي اندر لڳڻو آهي. هن قوم کي ڪورونا وبا کان احتياط جي اپيل پڻ ڪئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *