گوپس/غذر (ويب نيوز) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي بيماري قرار ڏئي ڇڏيو، گلگت جي گوپس ۽ غذر وارن علائقن ۾ چونڊن جلسن کي خطاب دوران مريم نواز چيو آهي ته امريڪا ۾ عوام بدزبان ٽرمپ کي ڪڍي ٻاهر اُڇلي ڇڏيو، هاڻي پاڪستان ۾ بدزبانن ۽ ڪوڙن کي اقتداري ايوانن مان تڙي ڪڍڻ جو وقت اچي ويو آهي، عوام کي ڊيچاريندڙ حڪمرانن جي ڊڄڻ ۽ ڄنگهون ڏڪڻ جو وقت اچي ويو ، عمران خان جهڙي ماڻهو جو نالو وٺڻ به پسند نه ٿي ڪريان، عمران خان ننڍو ماڻهو آهي، وڏن جي ويڙهه ۾ اچڻ جي ڪوشش نه ڪري، حڪمرانن کي انتقامي ڪارروائين ۽ بدزباني کان سواءِ ڪو به ڪم نه ٿو اچي، پاڪستان سڀ کان وڏي بيماري عمران خان کي منهن ڏئي رهيو آهي.