وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جَي وڏن چورَن گڏجِي يونين ٺاهي ڇڏِي آهي، اُهي چور اڍائي سالن کان پريشر وجهي رهيا آهن. عوام جَي سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ جَي ڏهن سالن واري دور ۾ ملڪ ۾ تباهي آئي، جڏهن پي ٽي آءِ اقتدار ۾ آئي ته ماڻهن سمجهيو هاڻي ملڪ ٺيڪ ٿي ويندو، پر فوري طور ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻ رڳو “پَريُن جِي ڪهاڻي” ۾ ٿي سگهي ٿو، پراڻي سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آهي.

وزيراعظم چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اپوزيشن پاڻ کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان 40 هزار ڊونرز جا تفصيل ڏئي ڇڏيا آهن، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڳو 100 ڊونرز جا ئي نالا ٻڌائين، ڇا نوازشريف انڪار ڪندو ته هُن اساما بن لادن کان پيسا نه ورتا، طاقتور جو احتساب وڌيڪ ضروري آهي.

مديني جي رياست بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته  مديني جي رياست جون ڪوششون پوريون ڪرڻ جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن، هُن ڏکيائين ۽ آزمائشن کي منهن ڏنو آهي ۽ کيس ڪاميابي ملي آهي، مديني جي رياست جديد رياست هئي، انسانيت جو نظام هئو جنهن کي فلاحي رياست چئون ٿا، مديني جي رياست هڪ جدوجهد جو نالو آهي.

ڪورونا ويڪسين بابت وزيراعظم چيو ته ڪورونا ويڪسين بابت سندن پهرين ڪوشش هوندي ته صحت واري عملي کي ويڪسين لڳائي ويندي، جنهن کان پوءِ طريقيڪار موجب 60 سالن کان وڌيڪ عمر واري کي ويڪسين لڳائي ويندي……..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *