ڳڙهي خيرو ڀرسان ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيدن ليڙواڻي مان رات دير سان پوليس وردي پھريل اڻڄاتل هٿياربندن نوجوان نظام الدين ليڙواڻي پٽ شاهه علي ليڙواڻي کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، اهڙي اطلاع بعد ڳوٺاڻا ۽ ميرانپور پوليس ڏوهارين جو  پيڇو ڪيو جيڪو بلوچستان طرف روانا ٿي ويا، مغوي جي والد شاھ علي جو چوڻ آهي ته پوليس وردي پهريل هٿياربند منھنجي پٽ کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز سياسي سفارشن تي بارڊر فورس ۾ مقرر اھلڪارن کي چوڪين تان ھٽائي شھرن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري سرحد تي قائم پوليس چوڪيون بند ھجڻ ڪري ڏوھاري آساني سان بلوچستان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *