بالي ووڊ جي اداڪاره وديا بالن جو چوڻ آهي ته هڪ اهڙو به وقت آيو جو آئون پنهنجي جسم کان نفرت ڪندي هئس ڇو ته منهنجو وزن قومي مسئلو بڻجي ويو هو.ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ وديا بالن چيو آهي ته هاڻ آئون ان ڳالهه تي حيران ناهيان ٿيندي ته ماڻهو توهان جي وارن جي ڊگهائي، ٻانهن جو ٿلهو ٿيڻ يا قد جي باري ۾ ڇاٿا چون ڇو ته هاڻ ان سان ڪو به فرق نٿو پوي.اداڪاره وڌيڪ چيو ته منهنجو وزن قومي مسئلو بڻجي ويو هو، آئون هميشه کان ٿلهي رهي آهيان ۽ آئون نه چونديس ته هاڻ آئون ان اسٽيج تي اچي پهتي آهيان جو هاڻ منهنجو وزن پريشاني جو سبب نٿو بڻجي پر هاڻ آئون هڪ ڊگهو سفر طئي ڪري چڪي آهيان.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *