ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نيب جي اڳوڻي چيئرمين رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل سيد امجد شاهه جو برطانوي عدالت ۾ ڏنل بيان منظرعام تي اچي ويو، اڳوڻي نيب چيئرمين چيو آهي ته براڊ شيٽ پاڪستان ۾ لٽيل ناڻو واپس ڪرائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، نيب جو اڳوڻو پراسيڪيوٽر جنرل فاروق آدم خان جو پُٽ براڊ شيٽ جي پارٽنر طور ڪم ڪري رهيو هو، رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل امجد شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته براڊ شيٽ سان معاهدو لاڳاپيل وزارتن جي منظوري بنا ڪيو ويو، براڊ شيٽ نيب طرفان مهيا ڪيل ڄاڻ کي ئي هدف خلاف استعمال ڪندو رهيو، براڊ شيٽ نيب کي ڪا فائديمند ڄاڻ نه ڏئي سگهي ۽ نه وري لٽيل پئسو واپس آڻڻ ۾ مدد ڪئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *