لاهور ( بيورو رپورٽر) نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پي ڊي ايم وٽ لانگ مارچ جو پلان موجود آهي، ماڻهن جي سهولت ۽ موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته بهاولپور جي عوام رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، پي ڊي ايم استعيفيٰ ضرور ڏيندي، عمران خان 31 جنوري تائين عزت سان وڃڻ تي راضي نه ٿيو ته عوام ڪو ٻيو فيصلو ڪندو. مريم نواز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽويٽر تي پنهنجي بيان ۾ مڇ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته فرقيواريت دهشتگردي واري ڏوهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي سنگدلي جي بيحسي ۽ نااهلي جو کليل ثبوت آهي. مريم نواز چيو ته اهڙي حڪومت کي عوام مٿان مڙهيو ويو آهي جنهن کي نه ڪم اچي ٿو نه ئي وري زخمن مٿان مرهم رکڻ اچن ٿا

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *