نون ليگ اين اي 75 ڊسڪه تي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت اليڪشن ڪميشن جَي فيصلي کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو، نون ليگ جِي اميدوار نوشين افتخار چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخي فيصلو ڏنو آهي، ووٽ چورن جو آئنده به مقابلو ڪنداسين، محمد زبير چيو ته تحريڪ انصاف ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ سازش ڪئي هئي، جيڪا اڄ ناڪام ٿي وئي: تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بادشاهت واري سوچ کي شڪست آهي، تفصيلي فيصلو اچڻ بعد ليگل ٽيم اڳتي جِي حڪمت عملي جوڙيندي: عثمان ڊار چيو ته اليڪشن ڪميشن اڄ نون جي سازش کي وائکو ڪري ڇڏيو، تڪ تي ٻيهر چونڊ جو حڪم نون ليگ جي ناڪامي جو ثبوت آهي..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *