نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ويجهو پسند جَي پرڻي تان چار حياتيون ڳڙڪائيندڙ سولنگي- ڀرٽ خوني تڪرار جو نبيرو ڪيو ويو. جرڳي دوران ٻنهي  ڌرين تي هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي. زرداري هائوس نوابشاهه ۾ مظفر جمالي جِي سرپنچي ۾ جرڳو ڪيو ويو. جرڳي دوران ڀرٽ برادري جي ڌر تي ٻن خونن ۽ ناري کي فرار ڪرائڻ جو هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا ۽ ٻن خونن جو سولنگي برادري جِي ڌر تي 50 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *