نوازليگ سينيٽ جِي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو، مريم نواز چيو آهي ته حڪومت اپوزيشن کي منٿون ڪري رهي آهي، اپوزيشن سهڪار نه ڪندِي، حڪومتي وفد سان ڳالهين جا تفصيل ٻڌايون ته حيران ٿي ويندئو.

نون ليگ جِي پارلياماني پارٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن جِي صدارت راجا ظفر الحق ۽ شاهد خاقان عباسي ڪئي، پارٽي جِي نائب صدر مريم نواز به شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته نون ليگ سينيٽ جِي چونڊن ۾ حصو وٺندي، اڪثر ميمبرن فيصلي جِي حمايت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته 2021 اليڪشن جو سال هوندو ۽ سليڪشن جَي خاتمي جو سال ثابت ٿيندو، لانگ مارچ به ٿيندو، استعيفائون به اينديون ۽ حڪومت به گهر ويندي.

مريم نواز مريم نواز بلاول ڀٽو جِي بي اعتمادي رٿ واري تجويز تي چيو ته پي ڊي ايم اجلاس ۾ اها تجويز ايندي ته بلاول موقف پيش ڪندو ۽ پوءِ اسان به جواب ڏينداسين.

مريم نواز چيو ته حڪومت اپوزيشن بدران پنهنجن ميمبرن جِي پرواهه ڪري، حڪومت اپوزيشن کي منٿون ڪري رهي آهي، اپوزيشن سهڪار نه ڪندِي، حڪومتي وفد سان ڳالهين جا تفصيل ٻڌايون ته حيران ٿي ويندئو.

هن چيو ته اپوزيشن نيب جو ظلم برداشت ڪري ڇڏيو، هاڻي حڪومت جو وارو آهي، نيب قانون کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏيڻ گهرجي…………

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *