ڪراچي: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ جي برطرفي اصل ۾ پي ڊي ايم جي ڪاميابي آهي. هڪ ٽويٽر پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته  پي ٽي آءِ ايم ايف جي وزير کي عهدي تي ڪم جاري رکڻ لاءِ سينيٽ ۾ فتح جي ضرورت هئي، جنهن کي سندس شڪست ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي حڪومت پنهنجين ناڪام پاليسين وسيلي ٿيندڙ بدترين مهانگائي جو اعتراف ڪري رهي آهي. پ پ  چيئرمين چيو ته پارلياماني سياست هن حڪومت خلاف سڀ کان وڌيڪ اثرائتي ٿي آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *