مڪاني چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن ۾ ٻن ڏينهن جو اجلاس ٿيو، اجلاس جي صدارت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڪئي، اجلاس ۾ صوبن مڪاني چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن ۾ موقف پيش ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب پنجاب ۽ ڪي پي سيپٽمبر ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو، سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد جي نمائندن موقف اختيار ڪيو آهي ته مڪاني چونڊون آدمشماري نتيجن بعد ٿينديون،بلوچستان جي نمائندي چيو ته مڪاني چونڊن بابت ڪيس بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ٻڌڻي هيٺ آهي، ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن صوبن جو واضح موقف اچڻ بعد حتمي تاريخ جو اعلان ڪندي….