مڪاني ادارن واري کاتي بعد صحت کاتي ۾ به جعلي ڀرتين ۽ جعلي مقررين توڙي بدلين جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن بعد صحت کاتي  پاران جاري ٿيل نوٽيفڪيشنز تصديق ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان صحت کاتي جي اختيارين 18هين گريڊجي ٽيڪنيڪل آفيسر سڪندر ميمڻ کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. صحت  کاتي پاران مقرر ڪيل فوڪل پرسن کي جعلي ڀرتين ۽ مقررين توڙي بدلين وارا آرڊر چڪاسڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صحت کاتي ۾ هيٺين گريڊ جي ملازمن جي غيرقانوني طور تي منظورين کان بِنا ڀرتيون ۽ بغير منظوري جي بدليون توڙي مقرريون ڪيون ويون هيون.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *