ڪوئيٽا مچ ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل 11 پورهيتن جا لاش ڪوئيٽا ۾ دفنايا ويا، ڪوئيٽا جي درگاهه ولي عصر ۾ جنازي نماز بعد لاشن جي هزارا ٽائون قبرستان ۾ تدفين، پورهيتن جي جنازي نماز ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت جنازي نماز ۽ پورهيتن جي مڙهن جي تدفين دوران وڏي انگ ۾ ماڻهن طرفان شرڪت، جنازي نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام، مچ ۾ هزارا برادري جي 11 پورهيتن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، ڪوئيٽا ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ وفاقي وزير علي زيدي جي سربراهي ۾ حڪومتي ٽيم سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد هزارا برادري 6 ڏينهن تائين جاري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو هو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا ختم ٿيڻ بعد ٽرئفڪ معمول تي اچي وئي…..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *