اسلام آباد :حڪومت ڪوئيٽا ۾ پورهيتن جا لاش دفنائڻ لاءِ عالمن کان مدد گهري ورتي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ پورهيتن جا لاش دفنائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، عالمن کان به مدد گهري وئي آهي، اُميد ته اڄ ئي مامرو حل ٿي ويندو، پورهيتن جا لاش اڄ دفنايا وڃن ته وزيراعظم اڄ ئي ڪوئيٽا پهچي ويندو، هزارا برادري جي مطالبن تي عمل شروع ٿي چڪو آهي، مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو ڪوئيٽا ۾ به سياسي تقرير ڪئي هئي، وزيراعظم سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر آهي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ هاءِ الرٽس آهن، مچ سانحي ۾ ملوث گروهه جي ڳولا لاءِ آپريشن آهي، انٽيليجنس ايجنسيز في الحال نه ٻڌايو آهي ته مچ سانحي ۾ ڪهڙو گروهه ملوث آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *