ميهڙ ۾ اُم رباب جَي والد، ڏاڏَي ۽ چاچَي جَي قتل ڪيس جو مک جوابدار مرتضيٰ چانڊيو کي ميهڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار کي 5 ڏينهن جَي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي، ڪنڌڪوٽ پوليس اُم رباب چانڊيو جي گهر ڀاتين جي هاءِ پروفائيل ڪيس جي مک جوابدار مرتضيٰ چانڊيو کي گرفتار ڪيو هو، ايس ايس پي امجد شيخ دعويٰ ڪئي هئي ته مرتضيٰ چانڊيو پنجاب فرار ٿي رهيو هو ته ناڪابندي دوران کيس گرفتار ڪري ورت، سپريم ڪورٽ پاران ان واقعي جو نوٽيس به ورتو ويو هو ۽ 10 لک روپيا پڻ انعام رکيل هو،مرتضيٰ چانڊيو جي گرفتاري پوليس لاءِ وڏي ڪاميابي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *