لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت موٽر وي ريپ ڪيس جي جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 3 مارچ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي، هن سان گڏوگڏ خاص عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي روزاني جي بنياد تي ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽه ڪيمپ جيل موٽروي ريپ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جوابدار عابد ملهي ۽ شفقت علي کي پيش ڪيو ويو، عدالت فرد جرم جي ڪارروائي لاءِ جوابدار عابد ملهي ۽ شفقت علي کي چالان جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، واضح رهي ته 9 سيپٽمبر 2020 اڱاري ۽ اربع جي رات لاهور_ سيالڪوٽ موٽري وي گجرپوره جي علائقي ۾ ٻن جوابدارن هڪ عورت کي ان وقت زيادتي جو نشانو بڻايوهو جڏهن هو گاڏي بند ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ مدد جي منتظر هئي..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *