موسميات کاتي سڀاڻي کان سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان اولهه جون هوائون ملڪ ۾ داخل ٿينديون، جيڪو سلسلو آچر ڏينهن تائين جاري رهندو.  برساتي سلسلو اترين علائقن ۾ آچر تائين جاري رهندو، خميس ۽ جمعي دوران لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ به وسڪارو ٿيندو. موسميات کاتي موجب برسات جو سسٽم گلگت بلتستان ۽ سوات کان ٿيندو بلوچستان ۽ پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *