سلام آباد: مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اوگرا پاران 16 فيبروري کان پيٽروليم مصنوعات ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪرڻ جي سمري تيار ڪري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي وئي آهي. ذريعن موجب اوگرا پاران پيٽرول جي في لٽر اگهن ۾ 16 رپيا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي اگهن ۾ 14 رپيا 75 پيسا واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *