ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ ڊالر ۽ سون سستو ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪالهه ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي/ڏسو صفحو 6 بقايا 05 ڀيٽ ۾ رپئي جي اگهه ۾ اضافو ٿيو. ڊالر 7 پئسا سستو ٿي ويو. ڪاللهه انٽربينڪ ۾ هڪ ڊالر 164 رپيا 4 پئسا مان گهٽجي 163 رپيا 97 پئسن جو ٿي ويو. ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون 300 رپيا في تولو سستو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ سون 29 ڊالر في اونس سستو ٿيو جنهن بعد اتي في اونس قيمت هڪ هزار 884 ڊالر ٿي وئي. پاڪستان جي سونارا مارڪيٽن لاهور، ڪراچي، اسلام آباد، پشاور، حيدرآباد، سکر، فيصل آباد، گجرانوالا، راولپنڊي ۾ سون جي نئين قيمت هڪ لک 13 هزار رپيا ٿي وئي. 10 گرام سون جي قيمت 256 رپيا گهٽ ٿي ۽ نئين قيمت 96 هزار 880 رپيا ٿي وئي. چاندي جي في تولو ۽ 10 گرام قيمت 1200 رپيا تولو ۽ 1028 رپيا 80 پئسا في 10 گرام برقرار رهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *