ڪراچي  معدنيات کاتي جي صوبائي وزير شبير بجاراڻي طرفان ڪارونجهر جبل تي کوٽائي لاءِ 6 ڪمپنيز کي ليز ڏيڻ جو اعتراف ڪري ورتو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي شبير بجاراڻي چيو آهي ته علائقي واسين جي احتجاجن بعد ڪارونجهر تي کوٽائي مٿان پابندي لڳائي وئي، ڪارونجهر تي 36 ملين ٽن گرينائيٽ موجود آهي، مامري جي جاچ لاءِ جُڙيل ڪميٽي رپورٽ تيار ڪري ورتي، وڏي وزير آڏو رپورٽ پيش ڪئي ويندي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سوالن جا جواب نه ملڻ تي نصرت سحر عباسي گوڙ ڪيو. صوبائي وزير شبير بجاراڻي ۽ نصرت سحر عباسي هڪٻئي سان تيز ٿي ويا، نصر سحر عباسي پڇيو ته معدني وسيلن جي کوٽائي بابت اسڪيم تي ڪيترو ڪم ٿيو آهي؟ اسپيڪر چيو ته توهان گهر جي ايڊريس ڏيو، ٽي سي ايس ذريعي رپورٽ اُماڻي ويند

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *