لاهور   مريم نواز جي خلاف ڪرپشن ڪيسز جي جاچ ۾ نئون موڙ، نيب طرفان ليگي اڳواڻ کي 26 مارچ تي هڪ ٻئي ڪيس ۾ طلبي جو نوٽيس موصول ٿي ويو، نيب لاهور جي ترجمان موجب مريم  نواز کي 26 مارچ تي ٻن ڪيسز جي جاچ جي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، نيب لاهور مريم نواز جي نالي جاتي امراءَ ۾ 1500 ڪنال زمين جي مبينا غير قانوني منتقلي جي جاچ ۾ طلب ڪيو ويو آهي، نيب ترجمان موجب مريم نواز تي الزام آهي ته 2013 ۾ شريف فيملي ساڍا 3 هزار ڪنال زمين انتظاميه جي مبينا ملڪي ڀت سان حاصل ڪئي، 2015 ۾ ان وقت جي ڊي سي او نورالمين مينگل ۽ ڊي جي ايل ڊي اي احد خان چيمه ۽ ٻين جي مبينا ملي ڀڳت سان لاهور جو ماسٽر پلان ئي تبديل ڪرائي ڇڏيو، شريف فيملي جي انتظاميه سان ڳٺ جوڙ ۾ جاتي امراءَ ۾ هزارين ڪنال زمين کي گرين لينڊ ايرا ڊڪليئرڊ ڪرايو ويو آهي، نيب لاهور طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ مريم نواز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پيشي جي لاءِ سمورا گهربل رڪارڊ ساڻ کڻي اچو، واضح رهي ته نيب لاهور طرفان مريم نواز کي 26 مارچ تي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ به طلب ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *