اسلام آباد (ويب رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي ڪيس کي هر هر ملتوي ڪرائڻ تي وفاقي وزير فيصل واوڊا مٿان 50 هزار رُپيا ڏنڊ لاڳو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ جڙيل بئنچ فيصل واوڊا خلاف نااهلي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، وفاقي وزير فيصل واوڊا ۽ سندس وڪيل ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيا، اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مٿس 50 هزار رُپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته اسان سوال پڇيو ته فيصل واوڊا ڪڏهن ٻٽي شهريت تان هٿ کنيو؟ جواب بدران ڪيس هر هر ملتوي ڪرائڻ وارو فيصل واوڊا جو عمل قبول جوڳو نه آهي، اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *