لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ حڪومت جي فيصلن تي عمل نه ڪيو، 10 کان وڌيڪ آفيسرز اهم پوسٽن تي مقرر، ڪيترائي سينئر آفسر نظرانداز، سنڌ حڪومت لمس يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ تي خاص مھربان ٿي وئي، 14 پوسٽون سندس حوالي ڪري ڇڏيون، ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ پيٿالاجي شعبي جو پروفيسر هجڻ سميت لمس يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر، ايڊمنسٽريٽر ڊائگنوسٽڪ اينڊ ريسرچ ليبارٽري سنڌ، ڊين فيڪلٽي آف بيسڪ ميڊيڪل سائنسز، چيئرمين اپائمينٽ ڪميٽي، فوڪل پرسن بلاول ميڊيڪل ڪاليج، فوڪل پرسن بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي، چيئرمين فنانس مئنيجمينٽ ڪميٽي ڊائگنوسٽڪ اينڊ ريسرچ ليبارٽري، مئنيجنگ ڊائريڪٽر آبِ لمس، ايڊمنسٽريٽر ايڊوانس ڊائگنوسٽڪ اينڊ ريسرچ ليبارٽري آف ريڊيولاجي، ايم آر آءِ اينڊ سي ٽي اسڪين، ڊائريڪٽر اڪيڊمڪ لمس، سينڊيڪيٽ ميمبر، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل، فوڪل پرسن ڪاليج آف ٽيڪنالاجي بڻيل آهي، ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا کي ڊينٽل شعبي جي ايڊيشنل رجسٽرار وٽ رجسٽرار ۽ وائيس چانسلر جي ميڊياڪوآرڊينيٽر جون اضافي چارجز آهن، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ياسر شيخ کي ڊائريڪٽر ورڪ اينڊ سروسز جي چارج ڏني وئي، ڊينٽل شعبي جي ليڪچرار ڊاڪٽر محبوب علي سنجراڻي کي ڪئمپس ايڊمنسٽريٽر بڻايو ويو، ڊينٽل شعبي جي ليڪچرار ڊاڪٽر منصور چنا کي ٽرانسپورٽ انچارج ۽ ڊائريڪٽر ميڊيڪل ايجوڪيشن جي اضافي چارج ڏني وئي، ايناٽامي شعبي جي ليڪچرار ڊاڪٽر عبدالرئوف ميمڻ کي ڊپٽي انسپيڪٽر آف ڪاليجز جي اضافي چارج ڏني وئي، ڪميونٽي ميڊيسن شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر نجيب ميمڻ کي ڊائريڪٽر ڪيو اِي سي جي اضافي چارج ڏني وئي، ڊاڪٽر مسرت ابڙو ڊيمانسٽريٽر انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽل هجڻ سان گڏ لمس ڪالوني جي چيئرپرسن مقرر آهي، فيصل لغاري ايڊيشنل رجسٽرار هجڻ سان گڏ واٽر سپلاءِ انچارج ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايڇ آر به بڻيل آهي، محسن مرزا ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر هجڻ سان گڏ ڊپٽي رجسٽرار جنرل مقرر، ڊاڪٽر پرويز گهلو ڊپٽي رجسٽرار جنرل لمس هجڻ سان گڏ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊميشن بڻيل، ڊاڪٽر شهزاد مغل ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايڇ آر هجڻ سان گڏ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ميڊيڪل ريسرچ سينٽر مقرر، آصف گلزار شيخ ڊپٽي ڊائريڪٽر فزيوٿراپي هجڻ سان گڏ ڊائريڪٽر فزيو ٿراپي، چيئرمين سينٽرل پرچيزنگ ڪميٽي ۽ اگزيمينر سائنٽيفڪ انسٽريومينٽس بڻيل، فتح محمد عباسي انسپيڪٽر آف ڪاليجز هجڻ سان گڏ ڪنٽرولر انڊر گريجوئيٽس مقرر، ڊاڪٽر سڄڻ خان هاليپوٽو ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس هجڻ سان گڏ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس بڻيل، اي ڊي ملاح لمس يونيورسٽي جو ترجمان هجڻ سان گڏ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪيو اِي سي مقرر ٿيل آهي..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *