لاڙڪاڻي ڀرسان ڀِت ٺاھڻ دوران شاھاڻي برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو،  گولي لڳڻ سبب هڪ عورت قتل ٿي وئي، ڪنگا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محراب شاھاڻي ۾ جھيڙي دوران سمينا زال امير علي شاھاڻي کي گولي لڳي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو جتي کيس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، مقتولڻ جي وارثن موجب ڀت جي ڳالهه تان ٻارن ۾ جھيڙو ٿيو، سمينا ڇڏائڻ وئي ته جوابدار ضمير، معيد ۽ مبين کيس گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *