لاڙڪاڻي ڀرسان آريجا جي ٿاڻي جي حد ملوڪ کهڙو سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان ڪار سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ محمد صلاح مغيري واسي روشن مغيري ۽ سندس دوست نديم ڪلهوڙو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو، زخمن جا سور نه سهندي روشن مغيري دم ڏئي ڇڏيو  هوڏانهن وارثن مقتول جو لاش وي آءِ پي روڊ تي رکي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي مقتول جي ڀيڻ شريفان خاتون پنهنجي وارثن سجاد، غلام حسين مغيري ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي ٻڌايو ته ڀاءُ روشن مغيري پنهنجي دوست نديم ڪلهوڙو سان گڏجي لاڙڪاڻي ڪورٽ حاضري تي وڃي رهيا هو ته رستي ۾ ڪار سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ۽ سندس دوست کي زخمي ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *