لاڙڪاڻي جي چئن وڏين سرڪاري اسپتالن لاءِ خريد ڪيل ميڊيڪل آڪسيجن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ من پسند ڪمپني کان بوگس بلن تي مهانگي اگهه تي خريداري جو انڪشاف، تفصيل موجب اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال جي ماتحت چئن سرڪاري اسپتالن چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، سول اسپتال، شيخ زيد چلڊرين ۽ شيخ زيد وومين اسپتال لاءِ ميڊيڪل آڪسيجن جي خريداريءَ ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. مليل معلومات موجب چانڊڪا اسپتال جي انتظاميا طرفان چئني سرڪاري اسپتالن جي لاءِ ميڊيڪل آڪسيجن جي خريداري لاءِ نوابشاهه جي فيضان انٽرپرائيزز نالي ڪمپني کان 6.8 ڪيوبڪ ميٽر جي في سلينڊر جي اصل قيمت 250 کان 300 روپين بدران 1050 روپين ۾ خريد ڪري 4 مهينن ۾ هڪ ڪروڙ 75 لک رپين کان وڌيڪ ادائيگي ڪئي وئي، جڏهن ته پاس ڪيل وائوچرن تي ڪمپني جي ايڊريس ۽ فون نمبر لکيل ئي ناهي. سرڪاري سطح تي 1050 رپين جو خريد ڪيل سلينڊر ساڳي ئي ڪمپني مختلف نالن سان سمورن نجي ميڊيڪل سينٽرز کي 700 کان 800 رپين تائين فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته پئسن جي ادائيگي صرف وڏن سلينڊرن جي مد ۾ ڪئي وئي ۽ فراهمي تي هر سائيز جي سلينڊرن جي وصول ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ پروفيسر سيف الله ڄامڙو ٻڌايو ته شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ يونيسيف طرفان عطيي طور ڏنل باءِ پيپ مشين جي لاءِ آڪسيجن لائينن جي فراهمي چند ميٽرن جي مفاصلي تي هئڻ باوجود سال گذري چڪو آهي پر آڪسيجن جي فراهم نه ٿي سگهي آهي، هن چيو ته انتظاميا لاڳاپيل سهولت فراهم ڪري ته جيئن ٻارن جي زندگي بچائي سگهجي. هن چيو ته سهولتن جي کوٽ سبب فوت ٿيندڙ ٻارن جي موت تي وارث ڊاڪٽرن ۽ عملي کي ذميوار قرار ڏيندا آهن جيڪو افسوسناڪ عمل آهي جڏهن ته ڊاڪٽرن ۽ هر ماڻهو جي جان بچائڻ جي اسين مڪمل ڪوشش ڪندا آهيون.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *