لاڙڪاڻو ۾  ناري کنڀڻ تي معطل ٿيل ايس ايڇ او پوليس گردي کان نه مڙيو، رحمت پور ٿاڻي جي معطل ايس ايڇ او اصغر علي سولنگي طرفان ناري جي وارثن کي مبينا طور پلاند وٺڻ جون ڌمڪيون، ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي نوٽيس ۽ هديتن باوجود پوليس معاملي جي جاچ شروع نه ڪئي، ناري عطيه ۽ سندس وارثن طرفان پوليس جي زيادتين خلاف مظاهرو ڪيو ويو،پوليس تي معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ جا الزام، ناري عطيه ۽ سندس وارثن دانهيو آهي ته معطل ايس ايڇ او جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، پوليس به ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران خاموش ٿي ويهي رهي آهي، متاثرن طرفان ناري عطيه تي تشدد ۽ تذليل ۾ ملوث ايس ايڇ او سوڌو ٻين اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ٻئي پاسي  لاڙڪاڻي ۾ چوري جي مامري تا ناري عطيه چانڊيو کي کنڀي ويندڙ رحمت پور ٿاڻي جي ايس ايڇ او اصغر سولنگي جي معطل ٿيڻ بعد سندس جاءِ تي نئون ايس ايڇ او نثار احمد بروھي کي رحمت پور ٿاڻي تي مقرر ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته ناري عطيه چانڊيو کي گرفتار ڪري نجي قيد خاني ۾ رکڻ واري معاملي تان ايس ايڇ او اصغر سولنگي کي ھٽايو ويو ھو، جڏهن ته ايس ايس پي طرفان واقعي جي انڪوائري لاءِ  ايس پي ھيڊڪوارٽر  کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو هو پر ھن وقت تائين جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.  واضح رهي ته لاڙڪاڻو پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي، شهر ۾ سرِعام پوليس گردي جي واقعن باوجود حڪومتي وزير ۽ علائقي مان چونڊيل نمائندا خاموش رهيا، ناري عطيه ۽ سندس وارثن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ڪنهن به نمائندي هيل تائين ساڻن رابطو ڪيو آهي، نه ئي وري تشدد ۽ تذليل ۾ ملوث پوليس عملدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *