لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اسجد جاويد تي ٻڌل ٻه رڪني بنيچ ڪئي.ٻڌڻي دوران نيب طرفان اسپيشل پراسيڪيوٽر سيد فيصل رضا بزاري پيش ٿيو، جڏهن ته حمزه شهباز جي طرفان اعظم نزير تارڙ ۽ امجد پرويز ايڊووڪيٽ پيش ٿيا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي هن کي هڪ، هڪ ڪروڙ جا ٻه ضمانتي مچلڪا جمعع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته حمزه شهباز 20 مهينن کان ناحق قيد ڪاٽي رهيو آهي، سندس خلاف هڪ پائي جي به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *