اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جَي فيصلي ۾ دير خلاف پي ڊي ايم اڄ اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج ڪندي، اسٽيئرنگ ڪميٽي جَي فيصلي موجب ڪنهن به پارٽي جو سربراهه ريلي جي قيادت نه ڪندو، مولانا فضل الرحمان جَي ترجمان جو چوڻ آهي ته قيادت ڪشمير چوڪ تي گڏ ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو اڄ عمر ڪوٽ ۾ ڪاميابي جو جشن ملهائڻ لاءِ وڃي رهيو آهي، تنهنڪري اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج ۾ شرڪت نه ڪندو، ٻئي طرف مريم نواز چيو آهي ته چاهيون ٿا ته غير جمهوري قوتون سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪن، حڪومت پنهنجو خطرو پاڻ ٻڌائي رهي آهي: ن ليگ جَي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت جو هر خواهش تي ساهه نڪري ٿو ۽ اُنهن جي ڪابه خواهش پوري نه ٿيندي، ن ليگ جو ڪنهن سان به بيڪ ڊور رابطو ناهي..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *