لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ لڳل علامه اقبال جي مجسمي جي حوالي سان پارڪ جي فيلڊ سپروائيز مشتاق ڀٽي جو چوڻ آهي ته هي مجسمو پارڪ جي مالهين علامه جي محبت ۾ ٺاهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته هن مجسمي تي حڪومت جو ٽڪو به خرچ ناهي ٿيو هن کي اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺاهيو آهي. مجسمي بابت عوامي رد عمل تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڪو چوي ٿو علامه جو نڪ صحيح ناهي، ڪو چوي ٿو مڇون ٺيڪ ناهن، اسان ڪهڙا ٽيڪنيڪل ماڻهو آهيون، اسان رنبي ۽ کرپي سان ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو آهيون، جيڪو ٺاهيو سو توهان جي آڏو آهي. مشتاق ڀٽي ٻڌايو ته هي مجسمو سيمنٽ ۽ بجري مان ٺاهيو ويو، جيڪو صحيح نموني سان خشڪ ناهي ٿي سگهيو، هاڻ اسين چاهيون پيا ته جڏهن هي خشڪ ٿي وڃي ته هن کي ريگ مال هڻي ڪو خوبصورت رنگ ڪيون. اسان آرٽ جو ڪم ڪندڙ هڪ ٻن پارٽين سان ڳالهايو ته هنن چيو ته صرف مزدوري جا 50 هزار وٺنداسون، اسان هٿ ٻڌا ته اسان پاڻ مزدور آهيون ايترا پيسا ڪٿان ڏينداسين. اسان جو پروگرام هو ته 10 ڪلو اڇو سيمينٽ وٺي پاڻ ئي رنگ ڪري ڇڏيون. مشتاق ڀٽي ٻڌايو ته جڏهن اسان مجسمي تي ڪم شروع ڪيو ته علامه اقبال جي هڪ تصوير گهرائي، اسان جا ٽي چار مالهي آهن جن جا نالا سجاد، حنيف ۽ آصف آهن، انهن کي ڪم سان لڳائي ڇڏيو ته ههڙي نموني مجسمو ٺاهڻو آهي، اهو مجسمو اسان جي مالهين ٺاهيو آهي جنهن جي نگراني پارڪ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *