سکر: پوليس پاران ڏوهاري ڄاڻائي ماريل عرفان جتوئي واري مامري ۾ عرفان جتوئي جي ڀاء غلام نبي جتوئي جي وڪيل طرفان جاچ آفيسرن ڏانهن ليگل نوٽيس اماڻيا ويا آهن، جن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  16 مارچ تي سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ کي جوڊيشل ڪميشن لاء درخواست ڏنل آهي، ان ڪري آء جي سنڌ طرفان جوڙيل ڪاميٽي غيرقانوني ۽ غير آئيني آهي۔ ليگل نوٽيس م ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس آفيسرز پنهنجي آفيسر خلاف شفاف انڪوائري نٿا ڪري سگهن، انهن اڳ ئي پٽي ڀائين جي حمايت ڪئي آهي۔ آء جي سنڌ طرفان جوڙيل ڪاميٽي جي سربراهه ايڊيشنل آء جي حيدرآباد ڏانهن به ليگل نوٽيس اماڻيو ويو آهي جڏهن ته آء جي سنڌ طرفان جوڙيل ڪاميٽي جي ميمبرن ڏانهن به ليگل نوٽيس پهچايا ويا آهن. ليگل نوٽيس ۾ فريادي ڌر چيو آهي ته غيرقانوني ڪاميٽي خلاف اسان اعليٰ عدالت ۾ وڃڻ جو حق رکون ٿا، عرفان جتوئي وارو مقابلو جعلي ۽ ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ آهي۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *