فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صوبائي حڪومت جي ملي ڀڳت سان سنڌ جا جاگيردار پاڻي چوري ڪن ٿا. خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پنجاب ۾ 8 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿيندو آهي جڏهن ته 39 سيڪڙو پاڻي سنڌ ۾ ضايع ٿيندو آهي. ٻئي طرف پنجاب جي آبپاشي جي وزير محسن لغاري پاڻي جي ماپ جي لاءِ غير جانبدار امپائر جي تقرري جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ پاڻي جي داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي پوائنٽن تي مانيٽرز مقرر ڪيا وڃن جن ۾ هڪ پنجاب ، هڪ سنڌ ۽ هڪ غير جانبدار نمائندو شامل ھجي.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *