شوڪت ترين کي 35 سالن کان سڃاڻان ٿو، هو معاشي صورتحال ۾ وڌيڪ استحڪام لاءِ بهترين پلاننگ سان ڪم ڪندو، وزيراعظم عمران خان طرفان ناڻي کاتي جي نئين وزير شوڪت ترين تي اعتماد جو اظهار، ملاقات دوران موجود معاشي ماهرن ۽ حڪومتي ترجمانن جي ٽيم طرفان به وفاقي وزير شوڪت ترين کان سوال پڇيا ويا، ملاقات ۾ سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ملڪ ۾ جي ڊي پي گروٿ کي گهٽ ۾ گهٽ 6 کان 7 سيڪڙو تائين پهچائڻو پوندو، اسٽيٽ بئنڪ جي موجود گورنر رضا باقر بهترين سڌارا آندا آهن، کيس تبديل ڪرڻ جو ڪوبه امڪان ناهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *