شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري جو پنجاب واسي محمود چوڌري سان نڪاح ٿي ويو، بلاول هائوس ۾ ٿيل شادي تقريب دوران بختاور ڀٽو زرداري ۽ محمود چوڌري جو نڪاح مولوي غلام محمد سوهو پڙهايو، مولوي غلام محمد سوهو کي خصوصي طور تي گهرايو ويو، نڪاح تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت سندس ويجهن مائٽن ۽ گهوٽ محمود چوڌري جي عزيزن شرڪت ڪئي، بختاور جي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي به دعوت ڏني وئي، وليمي جي تقريب سڀاڻي ٿيندي..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *