سکر پوليس جي آئي ڏينهن جڙتو مقابلن جا پول پڌرا، جهانگرو ٿاڻي جي حد ۾ رات جو مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوان جي سنڌ يونيورسٽي مان گرفتار ٿيل شاگرد طور سڃاڻپ، مارجي ويل شاگرد عرفان جتوئي کي 10 فيبروري تي سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل مان دوست سوڌو گرفتار ڪرڻ جو انڪشاف، نوجوان جي وارثن الزام هنيو آهي ته سکر پوليس شاگرد جي آزادي لاءِ ٽن هفتن کان رشوت گهري رهي هئي، انڪار ڪرڻ تي جڙتو مقابلو ڄاڻائي کيس ماري ڇڏيو، سکر جي عدالت ۾ شاگرد جي گرفتاري خلاف ڪيس وڙهندڙ وڪيلن به لاش جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي، سکر پوليس رات دير سان شاگرد کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *