سکر سينٽرل جيل جي قيدين ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ سرن، لتن ۽ مڪن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو. جيل انتظاميه موجب ڪاري چڪر ۾ قيدي معمولي ڳالھه تي وڙھي پيا، جنهن دوران 4 قيدي زخمي ٿي پيا، ٻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو. زخمين ۾ جمشيد علوي، فاروق علوي، محرم ۽ قادر بخش چانگ شامل آهن. جمشيد علوي ۽ فاروق علوي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. جيل انتظاميا موجب فاروق چانڊيو ۽ جمشيد علوي جي ٻن گروپن ۾ جھيڙو ٿيو. فاروق چانڊيو کي جيل اندر ئي لاڪ اپ ڪيو ويو آھي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *