سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ عدالتي حڪم تي ٻيلي  کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ڪچي جي علائقي قادرا پور ۾ آپريشن ڪري  ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن تي ٽريڪٽر هلايا ويا، ڊي ايف او سکر افتخار آرائين عدالت کي ٻڌايو آهي ته آپريشن دوران مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جي مدد ورتي پئي وڃي، هزارين ايڪڙ زمين تان قبضو به ختم ڪرايو ويو آهي، هن چيو آهي ته بااثر ماڻهن لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو هو، عدالتي حڪم تي مڪمل طور قبضو ختم ڪرايو ويندو، ضروت پئي ته رينجرز ۽ پاڪ فوج جي به مدد ورتي ويندي، واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *